رياض رشيد

رياض رشيد

رياض رشيد

رياض رشيد (ڪتاب): هي ڪتاب نامور شاعر رشيد احمد لاشاريءَ جي اردو، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ فارسي ڪلام تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي ڪتابت عيسيٰ سربازيءَ ڪئي آهي ۽ ان جو سرورق نامور مصور خدا بخش ابڙي تيار ڪيو آهي. ڪتاب جو مرتب رشيد احمد لاشاريءَ جو فرزند مختيار احمد لاشاري آهي، ڪتاب جو ديباچو ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ جو لکيل آهي، جڏهن ته پيش لفظ ۽ رشيد احمد لاشاريءَ جي مختصر سوانح حيات سندس فرزند مختيار احمد لاشاريءَ جي لکيل آهي. هن ڪتاب جي ضميمي ۾ رشيد احمد لاشاريءَ جي تصنيفن جو تفصيل ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ايجوڪيشنل پريس ڪراچيءَ مان ڇپرائي 1991ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو